سکر(پريس رليز) سکر ۾ ناري فائونڊيشن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ماسڪ ۽ آئسوليشن سينٽرز عملي کي پي پي اي سوٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ناري فائونڊيشن انڊس ڪنسوشيم ۽ آڪسفيم جي سهڪار سان اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ لاء ماسڪ ۽ صابڻ ۽ آئسوليشن سينٽرز جي طبي عملي کي پي پي اي سوٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ ناري فائونڊيشن جي انور علي مهر ، افشان اصغر ، عذرا جمال ۽ ٻين ڊپٽي ڪمشنر راڻا عديل تصور، ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر جميل احمد مهر ۽ ضلعي تعليمي آفيسر حافظ شھاب الدين انڍڙ سان ملاقات ڪري کين ڄاڻ ۽ آگاهي ڏني. ڪامورن ناري فائونڊيشن جي ان فيصلي کي ڀليڪار ڪندي چيو ته خطرناڪ ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ ۽ بچڻ لاء سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ناري فائونڊيشن جي ٽيم ڪورونا وائرس کان بڇاء واري سرڪاري ڪوششن کي ساراهيندي ساٿ ڏيڻ جو عزم ڪيو.
Search This Blog
Powered by Blogger.
Blog Archive
- September 2020 (2)
- August 2020 (7)
- July 2020 (7)
- June 2020 (124)
About Me
Click here to load more...










Post A Comment:
0 comments: