Search This Blog

Powered by Blogger.

Blog Archive

Navigation

سماجي تنظيم ناري فائونڊيشن پاڪستان ڪوليشن فار ايجوڪيشن جي سهڪار سان پڙھائي جي عالمي 8 سيپٽمبر جي مناسبت سان مشاورتي گڏجاڻي ٿي.


سکر (پريس رليز) سماجي تنظيم ناري فائونڊيشن  پاڪستان ڪوليشن فار ايجوڪيشن جي سهڪار  سان پڙھائي جي عالمي 8 سيپٽمبر جي مناسبت سان مشاورتي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي سماجي ڀلائي کاتي  جي ڊائريڪٽر سيد نصير حسين شاهه، اسٽيوٽا جي ذميوار فيض اڄڻ، ايجوڪيشن ٽاسڪ فورس جي اڳواڻ عذرا جمال سماجي اڳواڻ انور مهر، شڪيل چانڊيو چيو ته ھڪ رپورٽ موجب ملڪي آبادي جي 43 سيڪڙو اڻپڙهيل آهي.  سنڌ صوبو تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي پيل آهي ۽ آبادي جو 37 سيڪڙو اڻپڙهيل آهي،  سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اڻپڙهيل جو انگ 50 سيڪڙو آبادي کان به وڌيڪ سنڌ ۾ آهي. هنن چيو ته ڪورونا وائرس سبب تعليم کي زبردست ڌچڪو لڳو آھي. ڪورونا کان محفوظ اسڪولنگ لاء  ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻو پوندو.  آپا زبيده گهانگهرو صحافي مشتاق ٽانوري. نصير اڄن. شهناز منگي. شمائلا,سنجيدھ چيو ته پاڪستان ۾ پرائمري اسڪولن جي  انفراسٽرڪچر جي حوالي سان سنڌ بلوچستان کانپوءِ بدترين حالت ۾ آھي . رپورٽ موجب سنڌ ۾ اڪثريتي اسڪولن ۾ انفراسٽرڪچر جي کوٽ آهي، خاص ڪري 2010 جي مهاٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪيترائي اسڪول تباهه ٿي ويا هئا، انهن مان ڪجهه علائقن ۾ ته اسڪول بحال ڪيا ويا پر انهن مان اڃان تائين خراب حالتن ۾ آهن، انهن مان ڪيترن ئي اسڪولن جي ڇت ڪري پوڻ سبب ٻار زخمي به ٿيا آهن. گڏجاڻي ۾ عبدالمنان مهرامجد مهر غلام قادر,جايد سولنگي,جاني ڀھٽي ,احسان شيخ عرفان ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.





Share
Banner

Aashan Ashfaque

Post A Comment:

0 comments: